لاهور(بيورو)پنجاب حڪومت بسنت جي موقعي تي مذهبي ۽ سياسي اشتعال انگيزي روڪڻ لاءِ سخت قدم کڻڻ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن تحت دفعه 144 لاڳو ڪئي وئي آهي،پنجويهه ورهين بعد لاهور ۾ 6 کان 8 فيبروري تائين بسنت ملهائي ويندي، جڏهن ته عوامي تحفظ ۽ امن امانبرقرار رکڻ لاءِ مختلف پابنديون پڻ لاڳو ڪيون ويون آهن۔پنجاب جي گهرو کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، بسنت دوران اهڙين پتنگن تي مڪمل پابندي هوندي جن تي مذهبي ڪتابن، مذهبي ماڳن، ڪنهن شخصيت يا سياسي جماعت جي جهنڊي جون تصويرون لڳل هجن۔نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته صرف بغير تصويرن وارين، هڪ رنگي يا گهڻ رنگي پتنگن جي استعمال جي اجازت هوندي۔پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ حماد اظهر سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ”ايڪس“ تي لکيو ته هن وقت پنجاب حڪومت کي اهو خوف آهي ته ڪٿي ماڻهو بسنت جي ڏينهن پتنگن تي ”804“ ۽ عمران خان جون تصويرون نه لڳائي ڇڏين۔واضح رهي ته سوشل ميڊيا تي ڪجهه ويڊيوز به وائرل ٿي رهيون آهن، جن ۾ عمران خان جي تصويرن واريون پتنگون وڪرو ٿينديون ڏيکاريون ويون آهن۔ پي ٽي آءِ جي حامي، ”ايڪس“ تي راجا ثاقب نالي صارف اهڙي ئي هڪ وڊيو شيئر ڪندي سوال ڪيو ته ”ڇا هاڻي بسنت تي به پابندي لڳائي ويندي؟“ان کان اڳ، سوشل ميڊيا تي پنجاب حڪومت سان منسوب هڪ ٻيو نوٽيفڪيشن به وائرل ٿيو هو، جنهن ۾ چيو ويو هو ته صوبائي حڪومت 100 کان وڌيڪ گانن تي پابندي لاڳو ڪئي آهي۔نوٽيفڪيشن موجب، انهن گانن جي فهرست ۾ هڪ گانو ”نِڪ دا ڪوڪا“ به شامل هو، جنهن ۾ ”قيدي نمبر 804“ جو ذڪر موجود آهي۔تنهن هوندي به، پنجاب حڪومت جي ترجمان عظميٰ زاهد بخاري واضح ڪيو ته ان نوٽيفڪيشن ۾ بسنت جو ڪو به ذڪر ناهي۔هن نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته ”هي نوٽيفڪيشن اسٽيج تي پرفارم ٿيندڙ گانن بابت آهي“۔سندس چوڻ هو ته جن شين کي گانا چيو پيو وڃي، اهي اصل ۾ گانن ۽ شاعري ٻنهي جي توهين آهن۔