اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس محسن اختر ڪياني وڪيلن جي هڙتال تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته جج به نااهل آهن ۽ عدالتون به مري ويون آهن.
هڪ ڪيس جي ٻڌي دوران جسٽس محسن اختر ڪياني اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار جي هڙتال بابت اهم ريمارڪس ڏنا ۽ جواب ڏيندڙ جي وڪيل جي عدم پيشي تي آرڊر لکرائي ڇڏيو.
جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته عدالت کي ٻڌايو ويو ته اڄ وڪيلن جي هڙتال آهي ۽ وڪيل پيش نه ٿيندا.
هن پڇاڻو ڪيو ته وڪيلن جي هڙتال ڇا لاءِ آهي؟ جنهن تي بيرسٽر خوش بخت آگاهه ڪيو ته ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺا جي گرفتاري خلاف هڙتال آهي.
جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته اهي جن کي پاڻ گرفتار ڪرايو آهي، پاڻ جيل موڪليندا آهيون، پوءِ هڙتال ڪندا آهيون، ڪيڏي سٺي اسان جي بار آهي، ميڊل ملڻ گهرجي.
هن چيو ته جج به نااهل آهن ۽ عدالتون به مري ويون آهن، بار ته ٻنهي وڪيلن کي پاڻ جيل ڇڏي آئي آهي ۽ بنا قانون جي جج ڪمال جو فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي.
You might also like