ڀارت ۽ يورپي يونين ”مدر آف آل ڊيلز“ تي اتفاق ڪري ورتو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۽ يورپي يونين هڪ وڏي واپاري معاهدي تي اتفاق ڪري ورتو، جنهن کي ٻنهي ڌرين ”مدر آف آل ڊيلز“ قرار ڏنو آهي.
يورپي يونين موجب ان معاهدي تحت يورپي برآمدن جي تقريبن 97 سيڪڙو تي ٽيرف گهٽ يا ختم ڪيا ويندا، جنهن سان ساليانو 4 ارب يورو تائين ڊيوٽي جي بچت ٿي سگهندي.
ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي نئين دهلي ۾ يورپي ڪميشن جي صدر ارسلا وان ڊيرليئن ۽ يورپي ڪائونسل جي صدر انتونيو ڪوسٽا سان ملاقات کانپوءِ چيو ته هيءَ مدر آف آل ڊيلز آهي.
هن چيو ته هي معاهدو ڀارت جي 140 ڪروڙ عوام ۽ يورپي يونين جي ڪروڙين ماڻهن لاءِ بي شمار موقعا پيدا ڪندو.
يورپي اختيارين موجب هي هن وقت تائين ڀارت جو سڀ وڏو واپاري معاهدو آهي، جنهن سان يورپ جي زرعي، آٽو موبائيل ۽ خدمتن جي اهم شعبن کي فائدو پهچڻ جي اميد آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب معاهدي ۾ سيڪيورٽي ڀائيواري به شامل آهي، جنهن سان دفاعي ڪمپنين لاءِ نوان موقعا پيدا ٿيندا.
نريندر مودي موجب ان معاهدي سان ڀارت جي ٽيڪسٽائل، قيمتي پٿرن ۽ زيورن، چمڙي جي شين ۽ خدمتن جي شعبي کي به هٿي ملندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.