اداڪارا لائبا خان شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي وئي

ناليواري اداڪارا لائبا خان مديني شريف ۾ شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي وئي.
اداڪارا 27 جنوري تي انسٽاگرام تي خوشخبري شيئر ڪئي، جنهن ۾ 11 جنوري تي مديني شريف ۾ هڪ نجي نڪاح جي تقريب جون ڪجهه تصويرون به شامل هيون.
29 ورهين جي اداڪارا پوسٽ سان گڏ لکيو ته هڪ دعا جو جواب، هڪ واعدو پورو، اسان جو نڪاح الله پاڪ جي امن ۽ برڪت جي شهر ۾.
اداڪارا کي تصوير ۾ ڪيو رئو پاتل هو، ان تي ”جواد ڪي دلهن“ لکيل هو.
هتي اها ڳالهه اهم آهي ته لائبا خان پنهنجي مڙس جون تصويرون شيئر ناهن ڪيون ۽ کيس عوامي نظر کان پري رکيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.