بنگلاديش کي ورلڊ ڪپ مان ڪڍڻ وارو مامرو، محمد يوسف آءِ سي سي کي آئينو ڏيکاري ڇڏيو

ڪراچي( ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان محمد يوسف آءِ سي سي جي ٻٽي معيار تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته عالمي ڪرڪيٽ تڏهن ئي مضبوط ٿي سگهي ٿي جڏهن سڀني ملڪن سان هڪجهڙو ۽ منصفاڻو ورتاءُ ڪيو ويندو.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ محمد يوسف چيو ته ” نيوزيلينڊ، آسٽريليا، اسڪاٽ لينڊ، نيپال، نيڌرلينڊز، آئرلينڊ، نميبيا، زمبابوي، سريلنڪا ۽ افغانستان ۾ اٽڪل 178 ملين ماڻهو ڪرڪيٽ ڏسن ٿا، جڏهن ته رڳو بنگلاديش ۾ ڪرڪيٽ ڏسندڙن جو انگ 176 ملين آهي، جيڪو لڳ ڀڳ سمورن ملڪن جي برابر آهي.
اڳوڻي ڪرڪيٽر چيو ته اهڙي راند جيڪو عالمي ناظرين جي بنياد تي هلي ٿي، ان ۾ بنگلاديش جي جائز سيڪيورٽي خدشن کي نظرانداز ڪرڻ واري عمل پاليسين ۾ تسلسل جي کوٽ ۽ ناقص گورننس جي نشاندهي ڪري ٿو.
محمد يوسف آءِ سي سي تي تنقيد ڪندي چيو ته ڪرڪيٽ کي اثر رسوخ جي بنياد تي نه پر اصولن ۽ برابري تحت هلائڻ گهرجي، جڏهن سهولتون ۽ فيصلا چونڊ بنيادن تي ڪيا ويندا آهن تڏهن انصاف ختم ٿي ويندو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.