سپر ٽيڪس ڪيس: وفاقي آئيني عدالت وڏو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي آئيني عدالت سپر ٽيڪس ڪيس جو فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.
وفاقي آئيني عدالت جي چيف جسٽس امين الدين خان فيصلو پڙهي ٻڌايو.
وفاقي آئيني عدالت انڪم ٽيڪس جو سيڪشن 4 بي بحال ڪندي ڪيس ٻڌڻي جوڳو هجڻ تي اعتراض رد ڪري ڇڏيا.
عدالتي فيصلي موجب انڪم ٽيڪس آرڊيننس جي سيڪشن 4 بي کي 2015 کان برقرار رکيو ويندو، پارليامينٽ قانون سازي ذريعي ليوي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي مجاز آهي.
فيصلي سان وفاقي حڪومت کي 310 ارب رپين جون ريڪوريون ٿينديون.
واضح رهي ته 2015 ۾ خيبر پختونخواهه ۾ دهشتگردي سبب متاثر ماڻهن جي بحالي لاءِ سپر ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو هو.
300 ملين رپين کان وڌيڪ ساليانو منافعو ڪمائيندڙن تي 5 سيڪڙو واڌو سپر ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو هو.
سڀني هاءِ ڪورٽس سپر ٽيڪس لاڳو ڪرڻ کي درست قرار ڏنو، 2022 ۾ ساليانو 150 ملين رپين کان وڌيڪ ڪمائيندڙن تي سپر ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو.
2022 ۾ سپر ٽيڪس وڌ کان وڌ 10 سيڪڙو تائين لاڳو ڪيو ويو هو، مختلف ڪاروباري شخصيتن، بينڪن ۽ ڪمپنين سپر ٽيڪس کي هاءِ ڪورٽن ۾ چيلينج ڪيو.
2022 جو سپر ٽيڪس ماضي کان لاڳو ڪرڻ ۽ ٻٽي ٽيڪس جي بنياد تي چيلينج ڪيو ويو هو.
وفاقي آئيني عدالت سپر ٽيڪس تي 17 ٻڌڻيون ڪيون، سپر ٽيڪس ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ 2019 کان شروع ٿيو.
سپر ٽيڪس ڪيس کي اڳ ۾ چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي دور ۾ ٻڌيو ويو ۽ پوءِ 26هين آئيني ترميم بعد ڪيس آئيني بينچ منتقل ٿيو.
آئيني بينچ ٻڌڻيون ڪندي رهي ۽ 27هين آئيني ترميم کانپوءِ سپر ٽيڪس ڪيس وفاقي آئيني عدالت منتقل ڪيو ويو، سپر ٽيڪس ڪيس جون مجموعي طور 71 ٻڌڻيون ٿيون.
سپر ٽيڪس ڪيس اڳ ۾ سپريم ڪورٽ، پوءِ آئيني بينچ ۽ پوءِ آئيني عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ رهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.