اسلام آباد (بيورو) سينيٽر مشاهد حسين سيد چيو آهي ته بورڊ آف پيس رڳو غزا تائين محدود ناهي، پر ان ذريعي ڪشمير جي مسئلي کي به اجاگر ڪيو ويندو. ڀارت جي جمهوري ڏينهن جي موقعي تي پاڪستان انسٽيٽيوٽ فار پارليامينٽ سروس ۾ ڪاري ڏينهن جي عنوان سان سيمينار کي خطاب ڪندي، هن چيو ته پاڪستان جي بورڊ آف پيس ۾ شموليت تي ڀارت ۾ سخت پريشاني آهي. مشاهد حسين سيد چيو ته ڪشمير ۽ فلسطين پاڪستان جي بنيادي پرڏيهي پاليسي جو حصو آهن، جڏهن ته پاڪستان 2026 ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو ميمبر پڻ آهي، جنهن ذريعي ڪشمير جي مسئلي کي عالمي سطح تي وڌيڪ اثرائتي طور تي اٿاريو ويندو. هن چيو ته ڀارت آر ايس ايس جي فاشسٽ نظريي جي اثر هيٺ آهي. سيمينار کي خطاب ڪندي حريت اڳواڻ الطاف احمد واني چيو ته پاڪستان پهريون ڀيرو عالمي سطح تي امن پسند طور اڀري آيو آهي ۽ ڪشمير جو مسئلو ٻيهر عالمي ڌيان حاصل ڪري رهيو آهي، جيڪو ڀارت کي پريشان ڪندڙ لڳي ٿو. ٻي سياسي ۽ ڪشميري قيادت به سيمينار ۾ شرڪت ڪئي.