ڪولڪتا (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست اولهه بنگال ۾ نپاه وائرس جي پکيڙ کانپوءِ هاءِ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب اولهه بنگال ۾ نپاه وائرس جي پکيڙ جا اطلاع سامهون اچڻ کانپوءِ مقامي انتظاميا حفاظتي قدم سخت ڪندي 100 جي لڳ ڀڳ ماڻهن کي گهرن ۾ قرنطينه ڪري ڇڏيو، جڏهن ته هڪ مريض جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.
واضح رهي ته نپاه وائرس پهريون ڀيرو 1998 ۾ ملائيشيا ۾ سامهون آيو هو ۽ صحت جي عالمي اداري موجب اهو خطرناڪ زونوٽڪ وائرس آهي، جيڪو بنيادي طور چمڙن ذريعي پکڙجي ٿو.
ماهرن موجب ان وائرس جو اڃا تائين ڪو مخصوص علاج يا منظور ٿيل ويڪسين موجود ناهي.
You might also like