هڪ سال دوران سنڌ مان 1727 ٻار گم ٿي ويا، جاچ ادارا ناڪام

ڪراچي (پ ر) ملڪ ۾ گم ٿيل ٻارن جي ڳولا لاءِ ڪم ڪندڙ اداري روشني هيلپ لائين 1138 ملڪ ۾ لاپتا ٻارن بابت انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا، جنهن موجب سنڌ ۾ گذريل سال سڀ کان وڌيڪ 1727 ٻار گم ٿيڻ جا ڪيسز رپورٽ ٿيا.
رپورٽ موجب، روشني هيلپ لائين کي سڄي ملڪ مان مختلف ذريعن وسيلي 3808 گم ٿيل ٻارن جا واقعا رپورٽ ٿيا، جن مان 3400 ٻار ڪاميابي سان ڳولي والدين جي حوالي ڪيا ويا، جڏهن ته اڃا تائين سڄي ملڪ ۾ 408 ٻار گم آهن، جن جي ڳولا جاري آهي.
روشني هيلپ لائين 1138 جي سربراهه محمد علي ريسرچ سيل جي رپورٽ جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته مختلف ذريعن وسيلي گمشدگين جا واقعا رپورٽ ڪرايا ويندا آهن.
هن چيو ته گذريل سال 2025 دوران سڀ کان وڌيڪ رپورٽون پوليس، روشني هيلپ لائين جي رضاڪارن، سوشل ميڊيا ۽ روشني هيلپ لائين نمبر 1138 وسيلي مليون، جن جي بنياد تي انگ اکر ترتيب ڏنا ويا.
رپورٽ موجب صوبائي سطح تي گم ٿيندڙ ٻارن ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر سنڌ رهيو، جتي 1727 ٻار گم ٿيا، جڏهن ته پنجاب مان 1378، خيبرپختونخوا مان 390، بلوچستان مان 17، وفاقي راڄڌاني اسلام آباد مان 38، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير مان 98، جڏهن ته گلگت بلتستان مان 3 ٻارن جا ڪيس رپورٽ ٿيا.
روشني هيلپ لائين جي ريسرچ سيل جي تجزياتي رپورٽ موجب، جنس جي حوالي سان اهو سامهون آيو آهي ته ڇوڪرين جي ڀيٽ ۾ ڇوڪرن جي گمشدگيءَ وارن واقعن ۾ مسلسل واڌ ٿي رهي آهي، سال 2025 دوران 2858 ڇوڪرا ۽ 950 ڇوڪريون گم ٿيون.
عمر جي حساب سان، 0 کان 5 سالن تائين 534، 6 کان 10 سالن تائين 756، 11 کان 15 سالن تائين 1920 ۽ 16 کان 18 سالن تائين 598 ٻار گم ٿيا.
رپورٽ موجب، سڀ کان وڌيڪ گمشدگيون 11 کان 15 سالن جي عمر وارن ٻارن ۾ سامهون آيون، جيڪي مختلف سببن جي ڪري گهرن مان نڪري ويا هئا.
روشني هيلپ لائين سال 2025 ۾ به گذريل سالن وانگر گم ٿيل ٻارن بابت قانون سازي ۽ پوليس آفيسرن جي پيشيوراڻين صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ماهرن جي موجودگي ۾ ٽريننگ سيشن منعقد ڪيا.
ان سلسلي ۾ سڄي ملڪ مان 350 کان وڌيڪ پوليس آفيسرن کي زينب (زارا) ايڪٽ بابت ٽريننگ ڏني وئي ۽ گم ٿيل ٻارن جي ڪيسن کي منهن ڏيڻ بابت آگاهي فراهم ڪئي وئي.
محمد علي وڌيڪ ٻڌايو ته سنڌ ۾ پوليس آفيسرن جي حوصلا افزائي لاءِ بيسٽ پرفارمنس ايوارڊ جون ٽي تقريبون منعقد ڪيون ويون، جن دوران 122 پوليس آفيسرن کي گم ٿيل ٻارن جي ڳولا ۽ بازيابي ۾ نمايان ڪارڪردگي تي ايوارڊ ڏنا ويا.
اداري جي سربراهه گذريل ڪجهه سالن دوران ٻارن سان جنسي استحصال، بدسلوڪي ۽ تشدد جي واقعن ۾ تيزي سان واڌ تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته ڇوڪرين جي ڀيٽ ۾ ڇوڪرن سان ٿيندڙ زيادتين جا واقعا وڌيڪ وڌيا آهن.
هن چيو ته ريسرچ سيل موجب، گذريل سال سڄي ملڪ مان گم ٿيل 3808 ٻارن مان 39 ٻارن جا لاش هٿ آيا، جن مان ٽن ٻارن کي جنسي زيادتي کان پوءِ قتل ڪيو ويو هو.
محمد علي چيو ته روشني هيلپ لائين ملڪ ۾ ٻارن جي حقن جي تحفظ لاءِ جدوجهد جاري رکندي ٻارن جي جنسي استحصال، فحش وڊيوز ۽ سائبر ڪرائم جي واقعن جي نه رڳو مذمت ڪئي آهي، پر اعليٰ اختيارين جو ڌيان به ان سنگين مسئلي ڏانهن ڇڪايو آهي.
هن چيو ته ٻار اسان جو مستقبل آهن ۽ سندن تحفظ هر صورت ۾ اسان جي پهرين ترجيح هجڻ گهرجي، جنهن لاءِ سماج جي هر فرد کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.
روشني هيلپ لائين 1138 ان موقعي تي شهرين تي زور ڀريو آهي ته گم ٿيل ٻارن بابت ترت اطلاع ويجهي پوليس ٿاڻي يا روشني هيلپ لائين 1138 تي ڏنو وڃي، ۽ پاڪستان ۾ ٻارن جي تحفظ لاءِ کنيل قدمن ۾ روشني هيلپ لائين سان سهڪار ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.