گهريلو تشدد جي بل تي صحيحون، زال کي چِتائي ڏسڻ، طلاق يا ٻي شادي جي ڌمڪي تي سزا جو قانون لاڳو ٿي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري گهريلو تشدد سميت 7 قانونن جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن کانپوءِ زال تي تشدد، کيس چِتائي ڏسڻ، طلاق يا ٻي شادي جي ڌمڪي ڏيڻ تي سزا جو قانون لاڳو ٿي ويو.
صدر گهريلو تشدد ترميمي بل 2026، دانش اسڪول اٿارٽي ترميمي بل جي منظوري ڏئي ڇڏي.
صدر آصف علي زرداري انڪم ٽيڪس ترميمي بل، ايڪسپورٽ ڊيولپمينٽ فنڊ ۽ ٽرانسفر آف ريلوي ترميمي بل تي به صحيحون ڪري ڇڏيون.
صدر جي صحيحن کانپوءِ اهي قانون ايڪٽ آف پارليامينٽ بڻجي ويا، ان کان اڳ اهي قانون گڏيل اجلاس، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ مان منظور ٿيا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.