آمريڪا ۾ برفاني طوفان سبب 11 ڄڻا فوت، 19 هزار اڏامون رد

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۾ سخت برفاني طوفان جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 11 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته ڇنڇر کان هيل تائين 19 هزار اڏامون به رد ٿي چڪيون آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب خراب موسمي حالتن سبب ماڻهن کي روڊن تي سفر نه ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.
طوفان سبب ٽيڪساس کان نيو انگلينڊ تائين وڏي علائقي ۾ ڳڙو ۽ برفباري ٿي رهي آهي، جڏهن ته ايندڙ ڏينهن ۾ پارو خطرناڪ حد تائين گهٽجڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
نيو يارڪ جي ميئر ظهران ممداني ٻڌايو ته آچر ڏينهن 5 ڄڻا کليل آسمان هيٺ مئل حالت ۾ هٿ آيا.
ٽيڪساس ۾ اختيارين 3 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي، لوويزيانا رياست ۾ ٻه ڄڻا فوت ٿيا آهن، آئيووا رياست جي ڏکڻ اوڀر علائقي ۾ سخت موسم سبب ٽريفڪ حادثي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ ٻه زخمي ٿي پيا.
ميڊيا رپورٽن موجب برفاني طوفان سبب سومر تائين 8 لک 20 هزار کان وڌيڪ واهپيدار بجلي کان محروم رهيا، جنهن مان اڪثر ڏکڻ رياستن سان تعلق رکن ٿا، جتي طوفان ڇنڇر ڏينهن سخت ٿيو.
ٽڪساس کان وٺي نارٿ ڪيرولينا ۽ نيو يارڪ تائين اختيارين شهرين کي خطرناڪ حالتن سبب گهرن ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي آهي.
طوفان سبب گهٽ ۾ گهٽ 12 آمريڪي رياستن ۽ واشنگٽن ۾ هنگامي حالتون لاڳو ڪيون ويون آهن.
واشنگٽن، فلاڊيلفيا ۽ نيو يارڪ جي وڏن هوائي اڏن تي تقريبن سموريون اڏامون رد ڪيون ويون آهن، فلائيٽ ٽريڪنگ ويب سائيٽ موجب ڇنڇر کان هيل تائين 19 هزار کان وڌيڪ اڏامون رد ڪيون ويون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.