” پاڪستان بنگلاديش کي ڀڙڪائي رهيو آهي“

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ( بي سي سي آءِ ) جي نائب صدر راجيو شُڪلا چيو آهي ته ڀارت جي ميزباني هيٺ شيڊيول ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ بنگلاديش کي سيڪيورٽي جي مڪمل خاطري ڪرائي وئي هئي، پر پاڪستان ان معاملي ۾ بنا سبب مداخلت ڪئي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، هڪ انٽرويو دوران راجيو شڪلا چيو ته ”اسان ته چاهيو پئي ته بنگلاديش کيڏي، اسان بي سي بي کي سيڪيورٽي جي خاطري ڪرائي هئي، پر هنن ٽيم نه موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ۽ چيو ته اسان جي حڪومت چوي ٿي ته اسان ٽيم نٿا موڪلي سگهون، اسان ڪولمبو ۾ ئي کيڏنداسين.“
هن چيو ته ” آخري لمحي تي مڪمل شيڊيول تبديل ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم هوندو آهي، تنهنڪري آءِ سي سي کي اسڪاٽلينڊ کي شامل ڪرڻو پيو. بنگلاديش کي سوچڻ گهرجي ها، کيڏڻ گهرجي ها، اسان ته اهو ئي چاهيون ٿا ته هو کيڏن.“
پاڪستان تي الزام لڳائيندي هن چيو ته ”پاڪستان ان معاملي ۾ بنا سبب مداخلت ڪري رهيو آهي، بنگلاديش کي ڦودني جي ٽاريءَ تي چاڙهڻ ۽ کين ڀڙڪائڻ ۾ پاڪستان جو وڏو هٿ آهي.“
بي سي سي آءِ جي نائب صدر چيو ته پاڪستان هاڻي بنگلاديش جو ”همدرد بڻجي کين غلط رستي تي وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جيڪو سراسر غلط آهي.“

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.