لاهور (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي ورلڊ ڪپ مان بنگلاديش جي نيڪالي کانپوءِ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ احتجاج لاءِ مختلف آپشنز تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي.
ذريعن موجب، پاڪستان 15 فيبروري تي ڪولمبو ۾ ڀارت خلاف شيڊيول ميچ جو بائيڪاٽ ڪري سگهي ٿو ۽ ڀارت خلاف ميچ نه کيڏڻ جي صورت ۾ رڳو پاڪستان جون 2 پوائنٽس مائنس ٿينديون.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پي سي بي وٽ ڀارت خلاف ميچ نه کيڏڻ جو آپشن موجود آهي ۽ ڀارت خلاف ميچ نه کيڏڻ سبب آءِ سي سي کي ڳرو مالي نقصان ٿيندو.
ذريعن موجب، ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت ڪرڻ جي صورت ۾ به بورڊ سڀ آپشنز کليل رکندو.
واضح رهي ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ بنگلاديش سيڪيورٽي خدشن جي بنياد تي ڀارت وڃڻ کان انڪار ڪيو هو ۽ پنهنجون هڙئي ميچون سريلنڪا منتقل ڪرڻ لاءِ آءِ سي سي کان درخواست ڪئي هئي، پر آءِ سي سي بنگلاديش بورڊ جي درخواست قبول نه ڪئي ۽ ان جي جاءِ تي اسڪاٽلينڊ کي گروپ ۾ شامل ڪري ڇڏيو.