فلم ” ڌُرنڌَر“ جو اداڪار گهريلو ملازمه سان زيادتي جي الزام هيٺ گرفتار

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مخالف فلم ڌُرنڌَر جي اداڪار نديم خان کي پوليس گهريلو ملازمه سان زيادتي جي الزام هيٺ گرفتار ڪري ورتو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب 41 ورهين جي عورت شڪايت داخل ڪرائي آهي ته هوءَ مختلف اداڪارن جي گهرن ۾ ڪم ڪري چڪي آهي ۽ گذريل ڪيترن ئي ورهين کان نديم خان جي گهر ۾ به ڪم ڪري رهي هئي.
عورت موجب ٻنهي جي وچ ۾ ويجهڙايون وڌيون ۽ اداڪار شادي جو واعدو ڪيو هو.
ميڊيا رپورٽن موجب، متاثر عورت الزام هنيو آهي ته شادي جي واعدي تي اداڪار گذريل ڏهن ورهين دوران ڪيترائي ڀيرا ساڻس زيادتي ڪئي.
پوليس کي ڏنل بيان ۾ متاثر عورت ٻڌايو ته هاڻي اداڪار شادي کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، جنهن بعد هن سندس خلاف ڪارروائي لاءِ پوليس سان رابطو ڪيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، پوليس نديم خان کي ان شڪايت تي 22 جنوري تي گرفتار ڪيو ويو هو، ۽ هو هن وقت پوليس جي ڪسٽڊي ۾ آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.