ڪراچي(ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو گل پلازا سانحي جي متاثرن کي ٻن مهينن اندر دڪان تيار ڪري ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته ڪراچي جي انفرااسٽرڪچر کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون، عيد کانپوءِ شاهراهِه ڀٽو کي ايم 9 تائين شروع ڪنداسين، ان ۾ ڪجهه مهينن جي دير ٿي آهي، ٽريفڪ مسئلن ۾ وڏي پئماني تي گهٽتائي ايندي، روزانو 50 هزار ماڻهو هي رستو استعمال ڪن ٿا.
هن گل پلازا سانحي بابت ڳالهائيندي چيو ته جان جو ازالو ڪو به نٿو ڪري سگهي، اسان متاثرن سان گڏ آهيون، جنهن جي جان وئي ان لاءِ حڪومت هڪ ڪروڙ رپيا ڏيندي ۽ گل پلازا جي جاءِ تي حڪومت عمارت تعمير ڪندي، گل پلازا جي هر دڪاندار کي 5 لک رپيا ڏنا ويندا ته جيئن ٻه مهينا گهر جو خرچ پکو هلائي سگهن، ڪراچي چيمبر سان گڏجي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، نقصان جو ازالو سنڌ سرڪار ڪندي، دڪانن ۾ جيڪو سامان پيل هو اهو ڪراچي چيمبر جي مدد سان پورو ڪيو ويندو.
مراد علي شاهه چيو ته گل پلازا جي متاثرن کي ٻن مهينن اندر کين دڪان ملي ويندا ته جيئن هو ڪاروبار شروع ڪري سگهن، سنڌ انويسٽمينٽ کاتي ذريعي دڪانن لاءِ هڪ ڪروڙ رپيا ڏنا ويندا، قرض تي وياج سنڌ حڪومت ادا ڪندي، جيترا دڪان هئا ان کان هڪ انچ به وڌيڪ اڏاوت نه ڪئي ويندي، دڪاندارن سان گڏجي گل پلازا کي ٻيهر تعمير ڪيو ويندو.
هن وڌيڪ چيو ته گل پلازا واقعي جو ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو آهي، 80 کان وڌيڪ جانيون ضايع ٿيون آهن، ذميوارن کي سزا ملندي، اسان جون پنهنجون ڪوتاهيون آهن، مان مڃان ٿو، هن واقعي کانپوءِ ٻين صوبن ۾ به ڪميٽيون ٺهي ويون آهن، هر عمارت جو آڊٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اسان سڀني کي اهو عهد ڪرڻو پوندو ته آئينده اهڙو سانحو ٻيهر نه ٿئي.