ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عالمي ۽ مقامي مارڪيٽن ۾ سون جي قيمتن ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ في تولو سون 10 هزار 900 رپيا مهانگو ٿيڻ بعد 5 لک 32 هزار 66 رپين جو ٿي ويو.
اهڙي ريت 10 گرام سون 9 هزار 345 رپيا واڌ سان 4 لک 56 هزار رپين وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ به في اونس سون 5 هزار ڊالر کان وڌي ويو آهي.