ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ پاڪستاني اسڪواڊ جو اعلان، حارث رئوف ڊراپ، بابر ۽ شاهين جي واپسي

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ 15 رڪني قومي ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو.
اعلانيل اسڪواڊ ۾ سلمان علي آغا (ڪپتان)، بابر اعظم، ابرار احمد، فهيم اشرف، فخر زمان، خواجا نافع، محمد نواز، سلمان مرزا، نسيم شاهه، صاحبزادا فرحان، صائم ايوب، شاداب خان، شاهين آفريدي، عثمان خان ۽ عثمان طارق شامل آهن.
سليڪٽر عاقب جاويد اسڪواڊ جي حوالي سان چيو ته ڪنڊيشن کي نظر ۾ رکندي ٽيم ٺاهي آهي.
واضح رهي ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 7 فيبروري کان 8 مارچ تائين ڀارت ۽ سريلنڪا ۾ کيڏيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.