پي ايس ايل 11 لاءِ رانديگرن جي نيلامي ڪڏهن ٿيندي؟ اعلان ٿي ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ جي 11هين ايڊيشن لاءِ رانديگرن جي نيلامي 11 فيبروري تي ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب پليئرز جي ٻولي پاڪستاني رپين ۾ لڳندي، گهٽ کان گهٽ قيمت 60 لک رپيا رکي وئي آهي، جڏهن ته مهانگو ترين رانديگر 4 ڪروڙ 20 لک رپين ۾ خريد ڪري سگهبو.
ٽيم اسڪواڊ ميمبرن جو انگ 16 ۽ وڌ کان وڌ 20 مقرر ڪيو ويو آهي، جن ۾ 5 کان 7 پرڏيهي رانديگر رکي سگهجن ٿا، جڏهن ته هر ٽيم ۾ 3 کان 4 پرڏيهي رانديگر پليئنگ اليون جو حصو بڻجي سگهندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.