ٿڌ جي شدت ۾ واڌ، سنڌ حڪومت جو اسڪولن بابت اهم فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ ٿڌ جي شدت ۾ واڌ سبب اسڪولن جو وقت تبديل ڪرڻ جي فيصلي ۾ واڌ ڪئي وئي آهي.
تعليم کاتي جي ترجمان موجب اسڪول ايجوڪيشن ڊيپارٽمينٽ سيءَ سبب اسڪول صبح 9 وڳي کولڻ جي فيصلي ۾ واڌ ڪئي آهي.
ترجمان چيو ته سنڌ ۾ اسڪول 4 فيبروري تائين صبح 9 وڳي کلندا، اهو فيصلو سرڪاري توڙي نجي اسڪولن تي لاڳو ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.