وفاقي حڪومت جو ڪراچي ۾ اڪنامڪ زون قائم ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت ڪراچي ۾ اڪنامڪ زون قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، گڏوگڏ ڪراچي ۽ ٽنڊي محمد خان ۾ دانش اسڪول به قائم ڪيا ويندا.
وفاقي حڪومت چيو آهي ته وزيراعظم ڪراچي جي واپارين کي تحفو ڏنو آهي.
پنهنجي بيان ۾ سنڌ بابت پاڪستان حڪومت جي ترجمان بيرسٽر راجا خليق الزمان انصاري چيو ته وفاق سنڌ ۾ تعليمي ۽ معاشي ترقي لاءِ وڏا منصوبا شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، وزيراعظم جي خاص هدايت تي سنڌ ۾ ٻه دانش اسڪول قائم ڪيا ويندا، جن مان هڪ ٽنڊي محمد خان ۽ ٻيو گڏاپ ڪراچي ۾ ٺاهيو ويندو.
هن ٻڌايو ته وفاقي حڪومت ڪراچي جي ضلعي ملير ۾ هڪ اڪنامڪ زون به قائم ڪري رهي آهي، جنهن سان صنعتي سرگرمين کي هٿي ملندي، روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا ۽ مقامي معيشت کي مستحڪم بڻائڻ ۾ مدد ملندي.
ترجمان چيو ته وفاق سنڌ جي عوام سان گڏ بيٺو آهي ۽ ترقياتي منصوبن ۾ ڪنهن به قسم جي فرق بنا سڀني علائقن کي شامل ڪيو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.