”پهرين گهرواري جي اجازت بنا ٻي شادي“ سپريم ڪورٽ عورت جي حق ۾ وڏو فيصلو ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ قرار ڏنو آهي ته پهرين گهرواري جي اجازت ۽ ٽياڪڙي ڪائونسل جي منظوري بنا ٻي شادي ڪرڻ مسلم فيملي لاز آرڊيننس جي ڀڃڪڙي آهي، جنهن تي مڙس فوجداري ۽ ديواني ڪارروائي کي منهن ڏئي سگهي ٿو.
عدالت عظميٰ ان حوالي سان 5 صفحن تي ٻڌل لکت فيصلو جاري ڪيو آهي، جيڪو جسٽس مسرت هلالي لکيو آهي.
سپريم ڪورٽ نائلا جاويد ڪيس ۾ فيملي ڪورٽ ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ جا فيصلا ڪالعدم قرار ڏيندي مڙس کي عورت کي حق مهر جي 12 لک رپيا رقم ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته نڪاح ختم ڪرڻ جي ايڪٽ تحت جيڪڏهن مڙس زال جي راضپي بنا ٻي شادي ڪري ته عورت نڪاح ختم ڪرڻ جي حقدار آهي.
عدالت واضح ڪيو ته ٽياڪڙي ڪائونسل جي اجازت بنا ٻي شادي ڪرڻ مسلم فيملي لاز آرڊيننس جي سيڪشن 6 جي کليل ڀڃڪڙي آهي.
عدالت موجب ان ڪيس ۾ مڙس نه پهرين گهرواري کان لکت اجازت ورتي ۽ نه ٽياڪڙي ڪائونسل مان منظوري حاصل ڪئي، جنهن جو اعتراف مڙس پاڻ به ڪيو، ڪيس دوران مڙس طرفان ٻي شادي ڪرڻ به قانون جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو ويو.
سپريم ڪورٽ قرار ڏنو ته عدالتون زال جو بيان رڪارڊ ڪرڻ بنا طلاق جي مطالبي کي خلع ۾ تبديل نه ٿيون ڪري سگهن.
عدالت پنهنجي اڳوڻي فيصلي جو حوالو ڏيندي چيو ته خلع عورت جي واضح ۽ رضاڪاراڻي رضامندي بنا ممڪن ناهي.
فيصلي ۾ چيو ويو ته نائلا جاويد نڪاح ختم ڪرڻ جي درخواست ظلم ۽ قانوني بنيادن تي داخل ڪئي هئي پر فيملي ڪورٽ ظلم جي الزامن تي فيصلو ڏيڻ بدران خلع جي بنياد تي نڪاح ختم ڪري ڇڏيو ۽ عورت کي حق مهر ڇڏڻ جو حڪم ڏنو، توڙي جو عورت خلع جو مطالبو ئي نه ڪيو هو.
عدالت چيو ته مڙس طرفان خرچ نه ڏيڻ، عورت جي ڪردار ڪشي ۽ ٻي شادي جهڙا عمل قانوني طور ظلم جي زمري ۾ اچن ٿا، اهڙين حالتن ۾ عورت جو مڙس سان گڏ رهڻ کان انڪار نافرماني نه پر جائز حق آهي.
سپريم ڪورٽ واضح ڪيو ته پهرين گهرواري جي اجازت ۽ ٽياڪڙي ڪائونسل جي منظوري بنا ٻي شادي ڪندڙ مڙس قانوني نتيجن کي منهن ڏيندو ۽ اهڙي صورت ۾ عورت کي نڪاح ختم ڪرائڻ ۽ پنهنجا مالي حق حاصل ڪرڻ جو مڪمل حق حاصل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.