ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عوام پاڪستان پارٽي جي سربراهه شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته گل پلازا سانحو تمام وڏو آهي، جنهن ۾ 1200 دڪان سڙيا آهن، تفصيل وٺي متاثرن جي نقصان جو ازالو ڪيو وڃي ۽ وفاق کي به مدد ڪرڻ گهرجي.
ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شاهد خاقان عباسي چيو ته گل پلازا واقعي جي ذميوار حڪومت آهي، ڇو ته عمارتن ۾ هنگامي سهولتن جي چڪاس ڪرڻ ان جو ڪم آهي، عوامي نمائندن کي عوام جي وچ هجڻ گهرجي، جڏهن ته ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ جي ڳالهه نه رڳو غلط پر آئين جي به خلاف آهي، ان سان مسئلا حل نه ٿيندا.
سندس چوڻ هو ته ڪراچي جي وڏي آبادي ٽينڪرن ذريعي پاڻي حاصل ڪري ٿي، پاڻي اربين رپين جو ڪاروبار بڻجي چڪو آهي، جنهن ۾ مختلف مافيا ملوث آهن، صوبائي ۽ وفاقي حڪومتن کي گڏجي شهر ۾ پاڻي جي فراهمي ممڪن بڻائڻي پوندي.
اڳوڻي وزيراعظم چيو ته جڏهن ترميمن تي بحث نه ٿيندو ۽ سڀني جون ڳالهيون نه ٻڌيون وينديون ته مسئلا پيدا ٿيندا، رات جي اونداهي ۾ ترميمون ناهن ٿينديون، جنهن ملڪ ۾ اليڪشن چوري ٿيندي هجي، اتي خرابيون جنم وٺنديون آهن.
غزا امن بورڊ تي ڳالهائيندي هن چيو ته تڪڙ ڪئي وئي، اهڙو فيصلو ڪنهن هڪ ماڻهو کي نه ڪرڻ گهرجي، پاڪستاني عوام فلسطين سان گڏ آهي، اهڙي فيصلي تي قومي اسيمبلي ۽ عوام کي اعتماد ۾ وٺڻ گهرجي ها.
شاهد خاقان عباسي چيو ته هر سال ڪرپشن وڌندي پئي وڃي، نيب، ايف آءِ اي ۽ اينٽي ڪرپشن جهڙا ادارا موجود هئڻ باوجود صورتحال بهتر نه پئي ٿئي.
You might also like