ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ رولو ڪتن جي شهرين تي حملن ۾ ڳڻتيءَ جوڳي حد تائين واڌ ٿي وئي.
شهر جي مختلف اسپتالن ۾ هلندڙ سال ڪتن جي ڏاڙهڻ جا 3 هزار 40 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن.
اختيارين موجب پهرين جنوري کان هيل تائين سول اسپتال ۾ هڪ هزار، جناح اسپتال ۾ 700 تائين ڪيس سامهون اچي چڪا آهن.