ڪراچي ۾ ٿڌين هوائن سيءُ وڌائي ڇڏيو، پارو 6 ڊگري رڪارڊ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ٿڌ جي لهر برقرار آهي ۽ پارو 6 ڊگري تائين ڪِري پيو.
موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ ٿڌين هوائن سبب ٿڌ جي شدت ۾ واڌ ٿي وئي آهي ۽ ايئرپورٽ جي ڀرپاسي گهٽ کان گهٽ پارو 6 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران موسم ٿڌي رهڻ جو امڪان آهي، 30 کان 35 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون گهلي سگهن ٿيون، ان دوران پارو 10 کان 8 ڊگري تائين وڃي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.