ڀارتي اداڪار ڪمال آر خان رهائشي عمارت تي فائرنگ جي الزام ۾ گرفتار

ممبئي (ويب ڊيسڪ) تڪراري بيانن جي حوالي سان مشهور بالي ووڊ اداڪار ڪمال آر خان کي ممبئي پوليس هڪ رهائشي عمارت تي فائرنگ جي الزام ۾ گرفتار ڪري ورتو.
ڀارتي ميڊيا موجب فائرنگ جو واقعو 18 جنوري تي ممبئي جي علائقي اوشيوارا جي نالنده سوسائٽي ۾ پيش آيو، جتي هڪ عمارت تي فائر ڪيا ويا.
پوليس موجب هڪ فائر ٻي ماڙ جي اپارٽمينٽ مان ۽ ٻيو چوٿين ماڙ تان برآمد ٿيو، اپارٽمينٽ هڪ مصنف ڊائريڪٽر ۽ هڪ ماڊل جي ملڪيت هو.
پوليس ٻڌايو ته فائرنگ جي الزام ۾ ڪمال آر خان کي حراست ۾ ورتو ويو آهي ۽ پچا ڳاڇا دوران هن فائرنگ جو اعتراف به ڪيو آهي، جنهن کانپوءِ اداڪار جي لائسنس يافته هٿيار کي حراست ۾ وٺي جاچ ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.