ڪورونا جي ڪلورن ۽ مذهبي مٿڀيد ۾ پيڙهجندڙ طبقن جي ڪٿا” هوم بائونڊ“ آسڪر جي ڊوڙ مان ٻاهر

ممبئي (ويب ڊيسڪ) باليووڊ جي ناليواري هدايتڪار ڪرن جوهر جي ف”’هوم بائون“جو آسڪر جو سفر حتمي نامزدگين جي اعلان سان ختم ٿي ويو.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، 98هين اڪيڊمي ايوارڊز جي نامزدگين جي اعلان کانپوءِ سڀني جون نظرون ان ان ڳالهه تي کتل هيون ته ڇا ڀارت جي آفيشل انٽري فهرست ۾ جاءِ ٺاهي وئي يا نه.
پر سمورين اميدن ان وقت ختم ٿي ويون جڏهن ڪورنا وبا جي پسمنظر ۾ فلمايل فلم بهترين بين الاقوامي فيچر فلم واري ڪيٽيگري ۾ نامزدگي حاصل نه ڪري سگهي.
ٻئي پاسي ڪرن جوهر ”هوم بائونڊ“ جي آسڪر ڊوڙ مان ٻاهر ٿيڻ باوجودفلم تي فخر جو اظهار ڪندي پنهنجي انسٽاگرام پوسٽ ۾ هدايتڪار نيرج گهيوان جا به ٿورا مڃيا آهن،
هدايتڪار نيرج گهيوان به انسٽاگرام تي هڪ اسٽوري پوسٽ ڪئي، جنهن ۾ هن ڪرن جوهر شڪريو ادا ڪندي چيو” توهان واقعي هڪ مضبوط سهارو رهيا آهيو، توهان کانسواءِ هيستائين پهچڻ ناممڪن هو.“
واضح رهي ته ڪرن جوهر جي فلم”هوم بائونڊ“جي هدايتڪاري نيرج گهيوان ڏني هئي، جنهن ۾ ايشان کٽر، وشال جيٺوا ۽ جهانوي ڪپور مُک ڪردار ادا ڪيوهو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.