َ”مان ڪوهلي کان گهڻي ڀلي ايٿليٽ آهيان“ انوشڪا جي دعويٰ تي ويرات جو دلچسپ جواب

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ جو اڳوڻو ڪپتان ۽ اسٽار بيٽر ويرات ڪوهلي ۽ اداڪارا انوشڪا شرما ڊگهي عرصي کانپوءِ هڪ نئين اشتهار ۾ گڏ نظر آيا، جنهن کانپوءِ جوڙي هڪ ڀيرو وري مداحن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائي ورتو آهي.
اشتهار جي شروع ۾ ويرات ڪوهلي پنهنجي زال انوشڪا کان دبئي ۾ موڪلون گذارڻ دوران پنهنجي لاءِ هڪ سرپرائز پلان ڪرڻ جو چئي ٿو.
انوشڪا ويرات کي صحرا ۾ هڪ پرسڪون ڊيزرٽ ڊيٽ تي وٺي وڃي ٿي، جتي ٻئي گڏجي کاڌو تيار ڪندي ۽ هڪ ٻئي کي کارائيندي نظر اچن ٿا.
هڪ ٻئي منظر ۾ ٻنهي جي وچ ۾ والي بال ميچ جو مقابلو ڏيکاريو ويو آهي، جنهن ۾ انوشڪا کٽي وڃي ٿي.
پنهنجي فتح تي اداڪارا چوندي آهي” مون چيو هو نه مان بهتر ايٿليٽ آهيان.“ جنهن جي جواب ۾ ويرات کلي چوندو آهي ته ۽ مان بهتر ڊانسر آهيان.“
اشتهار سامهون ايندي ئي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو آهي، جڏهن ته جوڙي جي مداحن هڪ ڀيرو ٻيهر ٻنهي کي گڏ ڏسي خوشيءَ جو اظهار ڪري رهيا آهن.
واضح رهي ته انوشڪا شرما ۽ ويرات ڪوهلي کي ڀارت جي سڀ کان مشهور ۽ ڪامياب ترين جوڙين مان هڪ قرار ڏنو ويندو آهي. انوشڪا ۽ ويرات جي شادي 11 ڊسمبر 2017ع تي اٽلي ۾ ٿي هئي، جوڙي کي ٻن ٻارن جو اولاد پڻ آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.