نئين دهلي/دبئي/ڍاڪا(ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) طرفان بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ کي ڀارت ۾ شيڊيول ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت جي تصديق لاءِ ڏنل 24 ڪلاڪن جي مهلت ختم ٿي چڪي آهي، جنهن کانپوءِ هاڻي ڪنهن متبادل ٽيم کي دعوت ڏيڻ جو امڪان وڌي ويو آهي.
گذريل ڏينهن بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کيڏڻ لاءِ پنهنجي ٽيم ڀارت نه موڪلڻ واري فيصلي تان پوئتي نه هٽڻ جو اعلان ڪيو هو.
بنگلاديش جي راندين واري صلاحڪار ڊاڪٽر آصف نذرل رانديگرن سان ملاقات کانپوءِ اعلان ڪيو ته بنگلاديشي ٽيم ورلڊ ڪپ لاءِ ڀارت نه ويندي.
ڊاڪٽر آصف نذرل موجب، اسان پنهنجي موقف تي قائم آهيون، ڀارت ۾ اسان کي سيڪيورٽي خدشن کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو، آءِ سي سي اسان جي خدشن کي قبول ناهي ڪيو ۽ ڀارتي حڪومت به اسان کي قائل ڪرڻ لاءِ ڪا سنجيدا ڪوشش ناهي ڪئي.
ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب، بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ مقرر ڪيل وقت اندر آءِ سي سي کي پنهنجي موقف کان آگاهه ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو.
ڪرڪيٽ ويب سائيٽ موجب، آءِ سي سي بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ کي ٻڌايو هو ته حڪومت کي آگاهه ڪيو وڃي ته جيڪڏهن ٽيم ڀارت نه موڪلي ويندي ته بنگلاديش جي جاءِ تي ٻي ٽيم کي شامل ڪيو ويندو.
بنگلاديش جي شرڪت نه ڪرڻ جي صورت ۾ ڪهڙي ٽيم ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ شامل ٿيندي؟
ان حوالي سان ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته جيڪڏهن بنگلاديش باضابطا طور ٽورنامنٽ تان هٿ کڻي ويو ته موجودا رينڪنگ جي بنياد تي اسڪاٽلينڊ کي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ شامل ڪرڻ جو امڪان آهي.
رپورٽن موجب، دبئي ۾ موجود آءِ سي سي جا عملدار، جيڪي بنگلاديش کان باضابطا وضاحت جا منتظر آهن، ڪنهن به وقت اسڪاٽلينڊ جي شموليت جو اعلان ڪري سگهن ٿا.