وادي تيراهه ۾ برفباري سبب ڦاٿل آءِ ڊي پيز جي محفوظ هنڌن تي منتقلي لاءِ ريسڪيو آپريشن جاري

خيبر( ويب ڊيسڪ) خيبر ضلعي جي وادي تيراهه ۾ٿيل تازي شديد برفباري سبب ڦاٿل آءِ ڊي پيز کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪرڻ لاءِ ريسڪيو آپريشن جاري آهي.
ڊپٽي ڪمشنر خيبر بلال شاهد موجب، ضلعي انتظاميا جي نگراني هيٺ وقتائتا قدم کنيا ويا، جن جي نتيجي ۾ سمورا متاثر خاندان محفوظ رهيا.
ڊپٽي ڪمشنر ٻڌايو ته امدادي سامان جي کيپ رات جي وقت ئي پائينده چينه پهچائي وئي، جڏهن ته متاثرن کي پائينده چينه جي اسڪول ۽ هاسٽل ۾ منتقل ڪيو ويو آهي. متاثرن کي ڪمبل فراهم ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ٻارن ۾ سوئيٽر ۽ ٻيون ضروري شيون پڻ ورهايون ويون آهن.
هن چيو ته صوبائي حڪومت، پاڪ فوج ۽ فرنٽيئر ڪور جي وقتائتي امدادي ڪارروائين سبب لڏپلاڻ ڪندڙ سمورن خاندانن کي فوري رليف فراهم ڪيو ويو.
ڊپٽي ڪمشنر موجب، ريسڪيو ٽيمن جي نگراني هيٺ پهرين ٻارن ۽ عورتن کي ۽ پوءِ مردن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو.
هن وڌيڪ چيو ته برفباري جو سلسلو اڃا تائين جاري آهي، جنهن سبب حفاظتي اپاءَ وٺندي لڏپلاڻ جو عمل عارضي طور معطل ڪيو ويو آهي.
ضلعي انتظاميا جو چوڻ آهي ته صورتحال تي لڳاتار نظر رکي پئي وڃي ۽ موسم بهتر ٿيندي ئي امدادي ۽ نقل مڪاني جون سرگرميون ٻيهر شروع ڪيون وينديون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.