ارڙهين ترميم ۾ سڌاري لاءِ آئين ۾ رستو کليل آهي: راڻا ثناءُ الله

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته ارڙهين ترميم اتفاق راءِ سان ٿي آهي، پر ان ۾ ٻيهر اتفاق راءِ سان بهتري آڻي سگهجي ٿي ۽ بهتريءَ جو رستو سڄي آئين ۾ کليل آهي.
نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي نون ليگ اڳواڻ چيو ته گل پلازا ۾ باهه لڳڻ واري واقعي جي جاچ ٿيڻ گهرجي ته پلازا جي منزلن جي منظوري ڪنهن ڏني ۽ اهي ڪڏهن ٺهيون، ان جو پورو احتساب ٿيڻ گهرجي.
پي ٽي آءِ بابت هن چيو ته عمران خان هر ملاقات کي رياست ۽ ادارن خلاف استعمال ڪندو رهيو آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ملاقات جو طريقيڪار طئي ڪري ڇڏيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.