جيئرا ماڻهو ساڙيندڙ ۽ 12 مئي ڪرائيندڙن جي واتان ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ واريون ڳالهيون سٺيون نٿيون لڳن: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)سڌ سماءُ واري صوبائي وزير شرجيل ميمڻ سوال ڪيو آهي ته ڇا ارڙهين ترميم ختم ڪرڻ سان گل پلازا جهڙا واقعا نه ٿيندا؟
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته گل پلازا سانحي کي افسوسناڪ ۽ دل ڏکائيندڙ سمجهون ٿا، قيمتي جانيون ضايع ٿيون آهن، ان تي اکيون آليون آهن، هر پاڪستاني ڏکارو آهي.
صوبائي وزير چيو ته ڪنهن به انساني جان جو ڪو مُلهه ناهي، سانحي کانپوءِ ون پوائنٽ ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيا آهيون، لاشن کي ملبي مان ڪڍي وارثن حوالي ڪيو ويندو، لاشن جي سڃاڻپ جو عمل جاري آهي، ڊي اين اي ذريعي به لاشن جي سڃاڻپ ڪئي پئي وڃي.
شرجيل ميمڻ چيو ته ڇا ارڙهين ترميم ختم ڪرڻ ۽ ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ سان اهڙا واقعا نه ٿيندا؟ اها ڳالهه اهي ماڻهو ڪري رهيا آهن جن پنهنجي هٿن سان جيئرن ماڻهن کي ڀتي جي چڪر ۾ ساڙيو.
هن چيو ته توهان اڄ گل پلازا سانحي تي سياست ڪري رهيا آهيو، عجيب ڳالهيون ڪري رهيا آهيو، الزام لڳائي رهيا آهيو، توهان جي پنهنجي سياست ڇا هئي؟ جيڪڏهن توهان پيپلز پارٽي تي الزام لڳائيندا ته ڇا اسان جواب نه ڏينداسين؟
صوبائي وزير چيو ته مان توهان وانگر نه ڳالهائيندس، بلديا فيڪٽري کي ساڙيو ويو، 12 مئي تي ماڻهن کي چونڊي چونڊي نشانو بڻايو ويو، معصوم شهري قتل ڪيا ويا، توهان جي واتان اهڙيون ڳالهيون سٺيون نٿيون لڳن، عاشورا سانحي کانپوءِ بولٽن مارڪيٽ کي باهه ڏني وئي، اهو مان نه ٿو چوان پر ادارن جي رپورٽن ۾ اهو ڄاڻايو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.