ٽرمپ پاران غزا امن معاهدي جو باظابطا اعلان، وزيراعظم شهباز شريف به صحيح ڪري ڇڏي

ڊيووس(ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ غزا امن بورڊ جو باظابطا اعلان ڪري ڇڏيو.
سوئيٽزر لينڊ جي شهر ڊيووس ۾ غزا امن بورڊ معاهدي تي صحيحن جي تقريب ٿي، جتي وزيراعظم شهباز شريف سميت ٻين ملڪن معاهدي تي صحيحون ڪيون.
ان موقعي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته غزا بورڊ آف پيس ۾ شموليت تي سمورن ملڪن جو ٿورائتو آهيان، امن بورڊ تي گڏيل قومن سميت ٻين ملڪن سان گڏجي ڪم جاري رکندس.
هن چيو ته اٺ جنگون روڪرايون، پاڪستان ۽ ڀارت ٻئي جوهري طاقتون آهن، ٻنهي ملڪن وچ ۾ جنگ روڪرائي جڏهن ته ان کانسواءِ به ڪيئي جنگون روڪرائي دنيا کي وڌيڪ محفوظ بڻايو.
ٽرمپ وڌيڪ چيو ته ايران ڳاليهون ڪرڻ چاهي ٿو ۽ اسان ڳالهه ٻولهه لاءِ تيار آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.