گل پلازا کان پوءِ رمپا پلازا به غير محفوظ قرار، سيل

ڪراچي (رپورٽر) گل پلازا ۾ خوفناڪ باهه واقعي کان پوءِ ايس بي سي اي رمپا پلازا کي به غير محفوظ قرار ڏئي سيل ڪري ڇڏيو، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي حفاظتي قدمن تحت عمارت کي سيل ڪيو، جڏهن ته پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل جي سينئر انجنيئر عارف قاسم سان گڏ ايس بي سي اي ٽيم رمپا پلازا جو معائنو ڪيو، ايس بي سي اي جي عملدار ٻڌايو ته رمپا پلازا جي انتظاميا ۽ دڪان مالڪن کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن، ايس بي سي اي موجب گل پلازا جي  ملبي سبب رمپا پلازا جا ٻه ٿنڀ متاثر ٿيا آهن، خطري واري حصي جي استعمال تي پابندي لڳائي وئي آهي، رمپا پلازا ۾ بغير اجازت ڪنهن به سرگرمي جي اجازت نه هوندي، ڀڃڪڙي تي سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، ٻئي پاسي ڏکڻ ضلعي جي 6 عمارتن کي سيل ڪيو ويو آهي، ڊپٽي ڪميشنر موجب سييل ڪيل عمارتن ۾ فائر فائٽنگ جا اوزار نه لڳايا ويا، هنگامي نڪرڻ جا رستا به نه هئا، ڊپٽي ڪمشنر ڏکڻ جاويد نبي کوسي موجب گل پلازا حادثي کان پوءِ مختلف علائقن ۾ 6تعمير هيٺ عمارتن کي سيل ڪيوويو آهي، عمارتن ۾ فائر سيفٽي نه هجڻ واري پراڻي عمارتن جو ڊيٽا به گڏ ڪيو پيو وڃي ۽ جتي فائر سيفٽي سسٽم موجود نه هوندو، اتي قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.