سول ڊفينس، ايڪٽ، بلڊنگ ڪنٽرول قانون ۽ ليبر ڊپارٽمينٽ ايڪٽ تي عمل انتهائي ضروري

ڪراچي(عوامي آواز نيوز)اڳوڻي وفاقي سيڪريٽري يونس ڍاڳا چيو آهي ته گل پلازا سانحو  ٽن چئن ڏينهن کان اسان ٽي وي تي ڏٺو آهي هڪ دلخراش منظر. پهرين ڳالهه ته، اسان چئي سگهون ٿا ته اهڙاواقعا ڪراچي ۾ بار بار ٿين ٿا. ملڪ جي ٻين شهرن ۾ پڻ انتظام ايترا بهتر نه آهن، پر لڳي ٿو ته ڪراچي ۾ اهي واقعا بنا وقفي جي  ٿين ٿا، شايد شهر وڏو هجڻ سبب يا ٻيو ڪو سبب آهي،هن چيو ته سبب اهو آهي ته جيڪڏهن توهان 2012ع جي بلديا سانحي جي رپورٽ پڙهو، تڏهن کان هر ٻه ٽي سال بعد وڏا واقعا پيش آيا آهن، جهڙوڪ ڪوآپريٽو مارڪيٽ، آر جي مال، ملينيم مال وغيره ۾. انهن سڀني واقعن ۾ جيڪي حقيقتون سامهون آيون، اهي ساڳيون ئي آهن، قانونن تي عمل نه ٿيڻ ۽ فائر بريگيڊ کي مڪمل وسيلا مهيا نه ڪرڻ. هر ڀيري اهو ئي سبب ٻڌايو وڃي ٿو.هن چيو ته اسان وٽ ٽي ادارا آهن، جن وٽ ٽي مختلف قانون آهن،سول ڊفينس ايڪٽ، بلڊنگ ڪنٽرول لا، فيڪٽري ۽ ليبر ڊپارٽمينٽ ايڪٽ انهن ٽنهي قانونن تي عملدرآمد صحيح نه ٿئي ٿو. جيتوڻيڪ سيفٽي ميٽرز ٺاهيا ويا آهن، پر عملدرآمد ڪڏهن به ناهي ٿيو. جڏهن حادثو ٿئي ٿو، ٻڌايو وڃي ٿو ته "ايگزيٽس نه هئا، باهه  وسائڻ  جو نظام نه هو ۽ انهي سبب نقصان وڌي ويو.هن چيو ته  حڪومت هفتيوار/ماهوار  مانيٽرنگ ڪري،فائر بريگيڊ جو انتظام پڻ بهتر ڪرڻو پوندو،گل پلازا تي صرف 50 فائر ٽينڊرز هئا، جيڪو ڪافي نه هوڪراچي جي شهر لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 300-400 فائر ٽينڊرز ۽ وڌيڪ اسٽيشنن جي ضرورت آهي،جيئن ته اڃا تائين قانون ۽ انفراسٽرڪچر صحيح نه آهن، ڪراچي هميشه خطري ۾ رهندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.