ٻن اسڪولن جي تباهي جو نوحو

تحرير: زارا نواز شيخ

سچيڏنو شيخ يونين ڪائونسل سکپور ميرپور ساڪرو ٺٽوجي پرائمري اسڪول ۽ ڳوٺ مٺو شيخ ديهه گهگهي مير پور ساڪرو جي لوئر سيڪينڊري اسڪول جي عمارت جي حالت اڄ هر حساس دل رکندڙ انسان کي روئاري ٿي. اهي اسڪول رڳو سرن ۽ سيمينٽ جا ٺهيل ڪمرا ناهن، بلڪه اهي اميدن جا آشيانا آهن، ۽ انهن معصوم ٻارن جي مستقبل جا بنياد آهن، جيڪي اگهاڙن پيرن سان، مٽيءَ سان ڀريل ڪپڙن ۾، پر اکين ۾ روشن سپنا کڻي اسڪول ايندا آهن. پر افسوس! اڄ اهي آشيانا زبون حال آهن. ٽٽل ڇتيون، ڀڳل ڀتيون، بيٺل دروازا، ٽٽل بليڪ بورڊ، ۽ مٽيءَ سان ڀريل ڪلاس روم. جتي سبق پڙهائڻ بدران استاد ۽ شاگرد ڪنڊن ۾ ويهڻ تي مجبور آهن. جتي گرميءَ ۾ ڇت مان باهه وسندي آهي، ۽ سياري ۾ ٿڌ هڏين تائين پهچي ٿي. تنبو ۾ جتي ڪرسيون ۽ ڊيسڪون ناهن، ٻار زمين تي ويهي علم حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا

. ڳوٺ سچيڏنو شيخ جو پرائمري اسڪول هجي يا ڳوٺ مٺو شيخ جو لوئر سيڪينڊري اسڪول، ٻنهي جي حالت هڪ جهڙي آهي: لاوارث، وساريل، ۽ صرف الله جي رحم تي ڇڏيل. اهي اسڪول انهن ٻارن جا آهن، جن جا والدين هاري، مزدور، ۽ غريب پورهيت آهن. اهي پنهنجن ٻچن کي وڏن خوابن سان اسڪول موڪلين ٿا ته شايد سندن اولاد علم جي روشني سان پنهنجو ۽ پنهنجي خاندان جو نصيب بدلائي سگهي. پر جڏهن اهي ٻار اسڪول پهچن ٿا، ته انهن کي علم جي سهولتن بدران بدحالي، بي توجهي، ۽ مايوسي ملي ٿي. ڪلاس روم ۾ ويهڻ لاءِ نه صحيح بينچون، نه صاف فرش، نه پنکا، نه روشنيءَ جو بندوبست. برسات پوي ته ڇت ٽمندي آهي، پاڻي ڪتابن تي پوي ٿو، ڪاپيون ڀڄي وڃن ٿيون، ۽ ٻار ٿڌ ۾ ڏڪندا رهن ٿا. گرميءَ ۾ بجلي نه هجي ته ساهه کڻڻ مشڪل ٿي پوي ٿو.

سوچيو، جيڪڏهن اسان جا ٻار اهڙين حالتن ۾ پڙهن، ته اسان جي دل ڇا چوي؟ پر اهي ٻار به ڪنهن جا لاڏلا آهن، ڪنهن جون دعائون آهن، ڪنهن جا سهارا آهن. سندن اکين ۾ به مستقبل جا رنگين خواب آهن: ڪو ڊاڪٽر بڻجڻ ٿو چاهي، ڪو استاد، ڪو انجنيئر، ڪو آفيسر. پر انهن خوابن جي راهه ۾ سڀ کان پهريون پٿر انهن جي اسڪولن جي خراب حالت بڻيل آهي.

تعليم قومن جي تقدير بدلائيندي آهي. جيڪڏهن بنياد ڪمزور هجي، ته عمارت ڪيئن مضبوط ٿيندي؟ پرائمري ۽ اليمنٽري سطح تي جيڪڏهن ٻارن کي صاف، محفوظ، ۽ سهولتن سان ڀرپور ماحول نه ملندو، ته سندن ذهن ڪيئن کلي سگهندا؟ سندن صلاحيتون ڪيئن نکاربيون؟ ڳوٺ سچيڏنو شيخ ۽ ڳوٺ مٺو خان شيخ جا هي اسڪول صرف عمارتن جا نالا ناهن، بلڪه اهي اسان جي سماج جي ضمير جو امتحان آهن. ڇا اسان ايترا بي حس ٿي ويا آهيون جو معصوم ٻارن نياڻين کي ٽٽل ڀتين ۾ ويهاري سندن مستقبل کي به ٽٽل ڏسڻ چاهيون ٿا؟ ڇا حڪومتي ادارا، چونڊيل نمائندا، ۽ ذميوار عملدار هن حالت کي ڏسي به خاموش رهندا؟

اسان کي ياد رکڻ گهرجي ته اڄ اهي ٻار جيڪي مٽيءَ تي ويهي الف، ب سکڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، سڀاڻي اهي ئي هن ملڪ جا معمار هوندا. جيڪڏهن اڄ اسان انهن کي محفوظ ڇت، صاف ڪلاس روم، فرنيچر، بجلي، پاڻي، ۽ بنيادي سهولتون نه ڏيون ته سڀاڻي اسان کي اڻ پڙهيل، مايوس، ۽ بي وس نسل ملندو. هي صرف اسڪولن جي مرمت جو سوال ناهي، هي انسانيت، ذميواري، ۽ مستقبل جو سوال آهي. هڪ ننڍڙو ٻار جڏهن برسات ۾ پنهنجي ڪاپي بچائڻ لاءِ سينو ڀري بيهندو آهي، ته اهو رڳو پاڻيءَ کان نه، پر اسان جي بي حسيءَ کان به پاڻ کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هوندو آهي. جڏهن هو گرميءَ ۾ کليل آسمان هيٺ يا تنبو ۾ پگهرن ۾ شل هوندي سبق ياد ڪري ٿو، ته سمجهبو ته اهو پنهنجي خوابن کي زنده رکڻ جي جدوجهد ڪري رهيو آهي.

 اسان سڀني تي فرض آهي ته انهن اسڪولن لاءِ آواز اٿاريون. اختيارين کي جاڳايون، ميڊيا کي متوجهه ڪريون، سماج جي هر باشعور فرد کي ٻڌايون ته ڳوٺ سچيڏنو شيخ ۽ ڳوٺ مٺو شيخ جا اسڪول مدد جا طالب آهن. اهي اسڪول مرمت گهرن ٿا، نيون عمارتون، صاف پاڻي، ٽوائليٽس، فرنيچر، بجلي، ۽ محفوظ ماحول. هي ٻار خير جي ڀيڪ ناهن گهري رهيا اهي پنهنجو حق گهرن ٿا: تعليم جو حق، عزت سان پڙهڻ جو حق، محفوظ ماحول جو حق. جيڪڏهن اسان اڄ انهن جو ساٿ ڏيون ٿا، ته سڀاڻي اهي ئي اسان جي سماج جو سهارو بڻبا. اچو ته انهن معصوم چهرن جي مرڪن لاءِ، انهن اکين جي چمڪ لاءِ، ۽ انهن خوابن جي تعبير لاءِ گڏجي آواز اٿاريون.  ڳوٺ سچيڏنو شيخ جو پرائمري اسڪول هجي يا ڳوٺ مٺو خان شيخ لوئر سيڪينڊري اسڪول، اسان انهن کي لاوارث نه ڇڏينداسين. اسان انهن جي ڀتين کي مضبوط، ڇتين کي محفوظ، ۽ ڪلاس رومز کي علم جي روشني سان ڀرپور ڪنداسين. ڇاڪاڻ ته قومن جو مستقبل محلن ۾ نه، پر اسڪولن جي ننڍڙن ڪمرن ۾ ٺهندو آهي. ۽ جيڪڏهن اهي ڪمرا ٽٽل هوندا  ته مستقبل به زخمي هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.