يورپ ۾ افغان انساني سمگلنگ نيٽ ورڪ وائکو

لنڊن (ويب ڊيسڪ) يورپ ۾ افغان انساني سمگلنگ نيٽ ورڪ وائکو ٿي ويو.
برطانيا جي نيشنل ڪرائم ايجنسي موجب برطانيا ۽ بيلجيئم جي گڏيل ڪارروائي ۾ 2 مک جوابدارن کي ملڪ بدر ڪيو ويو آهي، اهي ٻئي افغان شهري هئا.
نيشنل ڪرائم ايجنسي ٻڌايو ته جوابدار ذيشان بنگش کي برطانيا مان ڊي پورٽ ڪيو ويو، جڏهن ته سيف الرحمان احمدزئي کي بيلجيئم مان ڊي پورٽ ڪيو ويو.
نيشنل ڪرائم ايجنسي موجب افغان سمگلرن جو نيٽ ورڪ ايران ۽ ترڪيا رستي فرانس ۽ بيلجيئم پهچائڻ ۾ ملوث هو، ان نيٽ ورڪ هزارين ماڻهن کي غير قانوني طور فرانس مان برطانيا منتقل ڪيو.
بيلجيئم جي عدالت نيٽ ورڪ جي 23 ميمبرن کي مجموعي طور 170 سال قيد جي سزا ٻڌائي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.