ٽرمپ جي دعوت قبول، پاڪستان جو ”غزا امن بورڊ“ ۾ شموليت جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان غزا ۾ پائيدار امن لاءِ ”بورڊ آف پيس“ ۾ شموليت جي دعوت قبولي ورتي.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان پاڪستان طرفان بورڊ آف پيس ۾ شموليت جي دعوت قبول ڪرڻ جي تصديق ڪري ڇڏي.
ترجمان چيو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان وزيراعظم شهباز شريف کي بورڊ آف پيس ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني وئي هئي، پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهراءَ 2803 تحت غزا امن منصوبي جي حمايت جو اعلان ڪيو، بورڊ آف پيس جو مقصد غزا ۾ مستقل جنگبندي لاءِ عملي قدم کڻڻ آهي.
ترجمان ٻڌايو ته پاڪستان فلسطيني عوام لاءِ انساني امداد ۾ واڌ جي ضرورت تي به زور ڏنو آهي، پاڪستاني فلسطيني عوام جي حقن جي ڀرپور حمايت جو عزم ورجايو آهي.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب پاڪستان آزاد، خود مختيار فلسطيني رياست جي قيام جي حمايت ڪري ٿو، پاڪستان جو موقف آهي ته 1967 کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل فلسطيني رياست قائم ڪئي وڃي، جنهن جو تخت گاهه القدس شريف هجي.
ترجمان چيو ته پاڪستان فلسطيني عوام جي تڪليف ختم ڪرڻ لاءِ تعميري ڪردار ادا ڪندو رهندو، بورڊ آف پيس جي پليٽ فارم تان عملي اڳڀرائي جي اميد آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.