اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي اجلاس ۾ تقرير دوران آصفه ڀٽو جي پرچي پڙهندي ئي عبدالقادر پٽيل جو لهجو مَٽجي ويو.
عبدالقادر پٽيل گل پلازا سانحي تي ڳالهائيندي ايم ڪيو ايم تي سخت تنقيد ڪري رهيو هو ته ان دوران خاتون اول آصفه ڀٽو ايم اين اي شازيا مري هٿان عبدالقادر پٽيل کي هڪ پرچي ڏياري.
پرچي پڙهندي ئي عبدالقادر پٽيل ٿڌو ٿي ويو ۽ هن تنقيد بدران سڀني سياسي جماعتن کي گڏجي مسئلن جي حل لاءِ قدم کڻڻ تي زور ڏنو.
عبدالقادر پٽيل چيو ته سانحن جو حل سياسي تڪرار نه پر گڏيل سهڪار سان ئي ممڪن آهي.
اجلاس دوران عبدالقادر پٽيل کي پرچي ڏيڻ جي وڊيو وائرل ٿي وئي، جنهن تي واهپيدار مختلف تبصرا ڪري رهيا آهن.
You might also like