تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته ايران خلاف ڪنهن به نئين حملي جو سخت ۽ فيصلائتو جواب ڏنو ويندو.
آمريڪي اخبار جي مضمون ۾ عباس عراقچي لکيو ته ايران خلاف آمريڪا جا جارحاڻا قدم ناڪام ٿي چڪا آهن، جون 2025 ۾ ايران صبر جو مظاهرو ڪيو هو، ٻيهر حملو ٿيو ته ڀرپور طاقت سان جوابي ڪارروائي ڪنداسين.
هن چيو ته هيءَ ڪا ڌمڪي نه پر حقيقت آهي، جنهن کي سفارتڪار طور بيان ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو، هيءَ جنگ سڄي خطي کي متاثر ڪندي.
سندس چوڻ هو ته آمريڪا جو رويو تبديل ٿيڻ گهرجي، ايران سان گڏيل احترام جي بنياد تي ڳالهيون ڪرڻ گهرجن.
ايران اڳ ۾ صبر جو مظاهرو ڪيو پر هاڻ حملو ٿيو ته فيصلائتو جواب ڏنو ويندو: پرڏيهي وزير
You might also like