ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سڄي دنيا ۾ سون جي اگهه ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي ۽ پاڪستان ۾ في تولي سون جي قيمت تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب پاڪستان ۾ في تولو سون 12700 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ پهريون ڀيرو 5 لک 6 هزار 362 رپين جي سطح تي اچي ويو آهي.
ان کانسواءِ 10 گرام سون 10 هزار 888 رپيا واڌ کانپوءِ 4 لک 44 هزار 123 رپين جو ٿي ويو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 127 ڊالر في اونس مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 4840 ڊالرن جي سطح تي اچي ويو آهي.
You might also like