گُل پلازا سانحو:سرچ آپريشن دوران وڌيڪ 30 لاش هٿ، فوتين جو انگ 61 ٿي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ باهه سبب تباهه ٿيندڙ گل پلازا ۾ سرچ آپريشن جاري آهي، ميزانائن فلور مان وڌيڪ 30 لاش هٿ آيا آهن، جنهن کانپوءِ فوتين جو انگ وڌي 61 ٿي ويو آهي.
ڊي آءِ جي ڏکڻ اسد رضا جو چوڻ آهي ته دڪاندارن ميزانائن فلور تي ماڻهن جي موجودگي بابت نشاندهي ڪئي هئي، وڌيڪ ٽيهه لاش مليا آهن، ملبي هٽائڻ جو ڪم روڪيو ويو آهي، پهريان لاش ڪڍيا پيا وڃن.
واضح رهي ته گل پلازا ۾ باهه لڳڻ کانپوءِ ماڻهن پاڻ کي بچائڻ لاءِ دڪان ۾ بند ڪري ڇڏيو هو، جن جي آخري موبائل لوڪيشن به ان جاءِ جي ئي ٻڌائي وئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.