اسٽيبلشمينٽ وارا قرآن کڻي چون ته سياست سان واسطو ناهي: راجا ناصر عباس

اسلام آباد (بيورو) سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ علاما راجا ناصر عباس جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي حفاظت ۽ سلامتي لاءِ جيڪو به ضروري هوندو اهو ڪندس. سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ جو عهدو سنڀالڻ کان پوءِ پنهنجي پهرين تقرير ۾ هن چيو ته پاڪستان ۾ لاقانونيت آهي، حڪمرانن جي ذميواري آهي ته انصاف قائم ڪن ڇو ته معاشرو انصاف کانسواءِ هلي نٿو سگهي، اڄ ٽنهي رياستي ادارن جي آزادي ختم ٿي چڪي آهي، ڪجهه دهشتگردن جي ڳولا ۾ سڄي علائقي کي کنيو وڃي ٿو، جيڪڏهن اهو ئي ڪم عوام کي ڏنو وڃي ته اهي پاڻ دهشتگرد ڳولي وٺندا.  هن چيو ته لاهور وياسين ته اسان جي گاڏين جا شيشا ٽوڙيا ويا، ڇا اسان دهستگرد هئاسين؟ ماڻهن کي ڳالهائڻ ڏنو وڃي، ان سان ملڪ مضبوط ٿيندو آهي، عمران خان سميت سياسي قيدين کي آزاد ڪيو وڃي. هن چيو ته ماڻهن جو سسٽم تان ويساهه کڄي چڪو آهي. اهڙي ريت طاقت ختم ٿي ويندي آهي، طاقت گولين، ٽينڪن، جهازن ۽ توپن سان ناهي ٺهندي. ان کان اڳ مجلس وحدت المسلمين جي سربراهه ۽ پي ٽي آءِ جي حمايت رکندڙ سينيٽر راجا ناصر عباس کي سينيٽ ۾ اپوزيسن ليڊر مقرر ڪيو ويو. سينيٽ سيڪريٽري حفيظ الله شيخ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو. سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني ٻڌايو ته راجا ناصر عباس کي 32 مان 22 اپوزيشن ميمبرن جي حمايت آهي. مخالف ڌر اڳواڻ کي ڊڪليئر ڪرڻ جو اختيار سينيٽ چيئرمين کي آهي، ناصر عباس کي مخالف ڌر اڳواڻ ڊڪليئر ڪريان ٿو. هن چيو ته مخالف ڌر اڳواڻ جي نوٽيفڪيشن جو معاملو سينيٽ سيڪريٽريٽ ۾ رهيو، دير عدالتي پروسيجر سبب ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.