ڪراچي(سوشل ميڊيا ڊيسڪ)سينئر صحافي ڪامران خان چيو آهي ته پاڪستان جي خزاني جو پيٽ ڀرڻ وارو ڪراچي هڪ ڀيرو ٻيهر هڪ انتهائي دردناڪ سانحي جو شڪار ٿي ويو آهي۔ هزارين خاندانن جا ڪاروبار، روزگار ۽ سڄا اثاثا سڙي خاڪ ٿي ويا آهن، جڏهن ته اقتدار ۾ ويٺل ماڻهو هميشه وانگر پاڻ ۾ خوشيون ملهائيندي نظر اچي رهيا آهن۔گل پلازا ۾ لڳندڙ خوفناڪ باهه رڳو هڪ عمارت کي نه ساڙيو، پر ڪراچي جي سموري گورننس سسٽم کي بي نقاب ڪري ڇڏيو۔ هي ڪو حادثو نه هو، پر سالن جي غفلت، ڪرپشن، ۽ جعلي ڪليئرنسن جو منطقي انجام هو،هن چيو ته ڪراچي هاڻي ڪو شهر ناهي رهيو،هاڻي اهو هڪ ”موت جو کوهه“ بڻجي چڪو آهي،باهه ۾ سڙندڙ ماڻهو،کليل گٽرن ۾ ٻڏندڙ ٻار،قاتل ڊمپرز،ڪرندڙ عمارتون،اسٽريٽ ڪرائم ۾ مارجندڙ شهري،ڪراچي ۾ مرڻ معمول بڻيل آهي،رياست جي بي حسي وائکي ٿي وئي، صحافي اسد الله خان چيو ته انڪشاف سامهون آيو آهي ته سنڌ حڪومتکي گهڻو اڳ ئي آگاهه ڪيو ويو هو ته ڪراچي کي گهٽ ۾ گهٽ 200 فائر اسٽيشنن جي ضرورت آهي، پر ان جي باوجود هن وقت ڪراچي ۾ صرف 28 فائر اسٽيشنون موجود آهن، يعني شهر ۾ 172 فائر اسٽيشنن جي سخت کوٽ آهي۔ان جي باوجود، حڪومت جو سڄو ڌيان رڳو ڪرپشن، لٽ مار ۽ ذاتي مفادن تي رهيو آهي،سينئر صحافي مظهر عباس چيو ته گل پلازا جي سانحي کي اوهان رڳو مجرمانه لاپرواهي نٿا چئي سگهو، هي ته سڌو سنئون ڏوهه آهي،حيدر نقوي لکيو ته مان گذريل ڏهه کان پندرهن سالن دوران ڪراچي جي بلدياتي نظام کي تمام ويجهي کان ڏٺو آهي، ۽ انهي تجربي جي بنياد تي مان هڪ صلاح ڏيڻ چاهيان ٿو ته موجوده مدّت ختم ٿيڻ کان پوءِ ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن کي ختم ڪيو وڃي، نه ڪو ميئر هجي ۽ نه مرڪزي شهري حڪومت۔ان جي بدران ڪراچي جي ٽائونز کي پنهنجن پنهنجن علائقن جو مڪمل ذميوار بڻايو وڃي۔ ناڻي واري اڳوڻي سيڪريٽري يونس ڍاڳا چيو ته سول ڊفينس،بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي فيڪٽري ليبر کاتوانهن ٽنهي ادارن جي ذميواري آهي ته پنهنجن قانونن تي عمل ڪرائين.پر حقيقت اها آهي ته اهي ٽيئي ادارا ڀتو وٺڻ کانسواءِ ٻيو ڪو ڪم نٿا ڪن.اينڪر ناديا مرزا لکيو ته سنڌ حڪومت ۽ پيپلز پارٽي سان لاڳاپيل ايڪس (ٽوئيٽر) اڪائونٽس هن وقت عوام جي زخمَن تي لوڻ ڇِٽڪي رهيا آهن۔عزت بچايو، خاموش رهو، ذميواري جو احساس ڪيو ۽ شرمندگي محسوس ڪريو۔ماڻهن جو زنده ساڙي مري وڃڻ تي سوال کڙا ڪرڻ ۽ تنقيد کي سياست سڏڻ، سياست ناهي هوندي،جاويد اقبال چيو ته بلاول ڀٽو جڏهن پيپلز پارٽي جي 18 سالن جي ڪارڪردگي جو بيان ڏئي رهيو هو، ته هو اڄ تائين ٻڌائي ئي نه سگهيو ته پي پي پي جي سنڌ حڪومت وٽ ڪيترا فائر ٽينڊرز موجود آهن.