ڪراچي (عوامي آواز رپورٽ) مڪاني کاتن واري وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته وڏو وزير مراد علي شاهه ڪالهه مليل فائر سيفٽي آڊٽ رپورٽ تي ڪاوڙيو ته کيس اها رپورٽ اڳ ڇو نه ڏني وئي؟ خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته عمارتن ۾ فائر الارم لڳائڻ جي هدايت ڪئي آهي، معاملن تي آباد سان رابطي ۾ آهيون.هن چيو ته صوبائي حڪومت ذميواري کان آجي ناهي.