سپريم ڪورٽ قتل ڪيس ۾ سزائون ماڻيندڙ ٽن جوابدارن کي 15 سالن کانپوءِ بري ڪري ڇڏيو پر ڇو؟

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان 15 سالن کانپوءِ قتل جي هڪ ڪيس ۾ اهم فيصلو ٻڌائيندي منير احمد، ذوالفقار عرف ڪالا ۽ نصير احمد کي بري ڪري ڇڏيو.
عدالت عظميٰ لاهور هاءِ ڪورٽ جو 9 جنوري 2017 جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.
سپريم ڪورٽ موجب قتل جو اهو واقعو 17 ڊسمبر 2010 ۾ لوڌران ضلعي ۾ پيش آيو هو، ڪيس موجب غلام سرور فائرنگ ۾ ٿڏي تي مارجي ويو.
فريادي موجب ٽئي جوابدار واردات تي موجود هئا ۽ هنن گڏيل نيت تحت فائرنگ ڪئي، واقعي کانپوءِ جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو ۽ پوءِ کين گرفتار ڪيو ويو.
ٽرائل ڪورٽ 24 سيپٽمبر 2011 ۾ ٽنهي جوابدارن کي ڏوهي قرار ڏيندي ٻن کي موت ۽ هڪ کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي.
پوءِ لاهور هاءِ ڪورٽ 9 جنوري 2017 ۾ عمر قيد ماڻيندڙ جوابدار جي سزا برقرار رکي، جڏهن ته ٻن جوابدارن جي موت جي سزا عمر قيد ۾ تبديل ڪري ڇڏي.
سپريم ڪورٽ قرار ڏنو ته فريادي ڏوهه ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو ۽ شاهدن جي واردات جي موقعي تي موجودگي ثابت نه ٿي سگهي.
عدالت موجب شاهدن جي بيانن ۾ سنگين تضاد هئا ۽ کين اتفاقي شاهد قرار ڏنو ويو، فائرنگ جا جيڪي تفصيل بيان ڪيا ويا، اهي انساني طور مشاهدو ڪرڻ ممڪن نه هئا.
عدالت وڌيڪ چيو ته ميڊيڪل رپورٽ به اکين ڏٺي شاهدي جي مڪمل تائيد نٿي ڪري، جڏهن ته هٿيار ۽ خالي خولن جي برآمدگي تي به يقين جوڳي ناهي.
سپريم ڪورٽ قرار ڏنو ته قانوني اصولن موجب جوابدارن کي شڪ جو فائدو ڏيڻ گهرجي، تنهن ڪري ٽنهي جوابدارن کي بري ڪيو وڃي ٿو.
ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس هاشم ڪاڪڙ، جسٽس صلاح الدين ۽ جسٽس اشتياق ابراهيم تي ٻڌل 3 رڪني بينچ ڪئي.
جسٽس اشتياق ابراهيم 10 صفحن تي ٻڌل بريت جو تفصيلي لکت فيصلو جاري ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.