لاهور (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان گل پلازا سانحي تي وڏي وزير مراد علي شاهه کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪندي پهرين فيبروري تي ڪراچي ۾ ملين مارچ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
منصورا لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته جماعت اسلامي پهرين فيبروري تي ڪراچي ۾ ڀرپور ملين مارچ ڪندي.
هن چيو ته نيٺ ڪيستائين ڪراچي جا شهري ڪڏهن باهه ته ڪڏهن گٽرن جو شڪار بڻجندا رهندا، هاڻ مراد علي شاهه کي اخلاقي ذميواري قبول ڪندي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي.
گل پلازا سانحو: جماعت اسلامي جو مراد علي شاهه کان استعيفيٰ جو مطالبو، ملين مارچ جو اعلان
You might also like