ممبئي (ويب ڊيسڪ) جڳ مشهور ڀارتي اديب، شاعر ۽ اسڪرين رائيٽر جاويد جاويد اختر بالي ووڊ فلم ” بارڊر ٽو“ لاءِ گانا لکڻ کان انڪار ڪرڻ جو ڪارڻ ٻڌائي ڇڏيو.
واضح رهي ته 1997ع ۾ فلم جو پهريون حصو رليز ٿيو هو، جنهن جا سمورا گيت تمام گهڻو مشهور ٿيا هئا. هڙئي گيت جاويد اختر لکيا هئا جڏهن ته موسيقي انو ملڪ ترتيب ڏني هئي.
فلمي شوقين بارڊر ٽو ۾ به ساڳي جوڙي جو ڪم ڏسڻ جا خواهشمند هئا، پر پوءِ رپورٽون سامهون آيون ته جاويد اختر فلم لاءِ گانا لکڻ کان معذرت ڪري ڇڏي آهي.
جاويد اختر جي اهڙي عمل تي ڪجهه مداح مايوس به ٿيا، جڏهن ته انڪار بابت مختلف افواهه به گردش ڪندا رهيا، هاڻي نيٺ جاويد اختر پاڻ ان معاملي تي خاموشي ٽوڙي آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، هڪ انٽرويوءَ ۾ جاويد اختر ٻڌايو ته فلمسازن هن سان رابطو ڪيو هو، پر هو جنهن نموني سان گيت لکرائڻ چاهين پيا، اهو هن لاءِ قبول ڪرڻ جوڳو نه هو.
سندس چوڻ هو ته ” جيڪڏهن مان ائين ڪريان ها ته اهو تخليقي ۽ ادبي ڏيوالپڻي جو هڪ نمونو هجي ها.“
هن وضاحت ڪندي چيو ته ” بارڊر فلم جي ٽيم ساڳين گيتن تي ٻيهر ڪم ڪرائڻ چاهي پئي.“
جاويد اختر سوال اُٿاريندي چيو ته ڇا اهو ضروري آهي ته جيڪڏهن ڪو گيت هٽ ٿي هجي ته ان ۾ وڌيڪ شعر شامل ڪري نئين انداز سان ٻيهر ٺاهيو وڃي؟
هن چيو ته ” مون کي اهو اخلاقي ۽ ادبي ڏيوالپڻو محسوس ٿيو. جيڪڏهن توهان ڪم ڪرڻ چاهيو ٿا ته ڪجهه نئون ٺاهيو، يا پوءِ اهو قبول ڪيو ته توهان ڪجهه به نئون تخليق نٿا ڪري سگهو.“
جاويد اختر فلمن لاءِ موسيقي جي تياري وقت اوريجنٽلي تي زور ڏيندي 1964ع ۾ فلم”حقيقت“ لاءِ لکيل گيتن ”ڪر چلي هم فدا“ ۽ ”مين يه سوچ ڪر اس ڪي در سي اُٺا ٿا“ جو حوالو ڏيندي چيو ته جيتوڻيڪ اهي گانا نهايت شاندار هئا، ان باوجود به فلمسازن انهن کي ٻيهر استعمال نه ڪيو، پر نوان گانا تيار ڪيا جيڪي شوقينن جي جذبن سان ٺهڪندڙ هئا.
سندس چوڻ هو ته ” جيڪو گذري ويو سو گذري ويو، هاڻي ان کي ٻيهر ٺاهڻ جي ضرورت ڪهڙي آهي؟ جيڪڏهن توهان فلم ٻيهر ٺاهي رهيا آهيو ته نوان گانا به ٺاهيو، ماضي تي ڇو ٿا ڀاڙيو؟“
جاويد اختر وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته اهو هڪڙي حساب سان قبول ڪرڻ آهي ته توهان ماضي ۾ ئي جيئڻ چاهيو ٿا.
ياد رهي ته انواراگ سنگهه جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ فلم” بارڊر 2“ 2026ع جي شروعات ۾ رليز ٿي رهي آهي.
فلم ۾ سني ديول مُک ڪردار سان وڏي پردي تي واپسي ڪري رهيو آهي، جڏهن ته ٻي ڪاسٽ ۾ ورون ڌون، دلجيت دوسانجهه ۽ آهان شيٽي شامل آهن.
فلم جي ڪهاڻي 1971ع ۾ پاڪ-ڀارت جنگ جي پسمنظر تي ٻڌل آهي.
فلم جا ڪيئي گيت اڳ ئي جاري ٿي چڪا آهن، جن مان گهڻي ڀاڱي بارڊر جي پهرئين حصي جا مشهور گيت آهن.