اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آئل اينڊ گيس ڊيولپمينٽ ڪمپني لميٽيڊ (او جي ڊي سي ايل) ڪوهاٽ ۾ تيل ۽ گيس جي نون وڏن ذخيرن جي دريافت جو اعلان ڪري ڇڏيو.
او جي ڊي سي ايل ترجمان موجب براگزئي ايڪس ون کوهه مان روز 3100 بيرل ڪچو تيل ۽ ساڍا 81 لک مڪعب فوٽ گيس به حاصل ٿيندي.
ترجمان ٻڌايو ته اها او جي ڊي سي ايل جي گذريل هڪ مهيني ۾ نشپا بلاڪ ۾ مسلسل ٽين وڏي دريافت آهي، تازو 3 دريافتن سان مجموعي طور تي روز 9480 بيرل ڪچو تيل حاصل ٿي رهيو آهي، جيڪا وڏي ڪاميابي آهي.
ترجمان چيو ته مقامي وسيلن کي هٿي ڏيڻ سان ملڪ ۾ توانائي جي طلب ۽ پهچ ۾ وڌيڪ بهتري ايندي.
You might also like