ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شعيب ملڪ پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي جاري ڪيل بيان ۾ شعيب ملڪ چيو ته ”پي ايس ايل جي ڏهن سالن جي ڪيريئر دوران آن فيلڊ ۽ آف فيلڊ هر لمحو ڏاڍو انجواءِ ڪيو، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته هن سفر کي هتي ختم ڪريان“
شعيب ملڪ جو چوڻ هو ته ”ڪرڪيٽ جي بهتري لاءِ مستقبل ۾ منهنجون خدمتون هميشه حاضر رهنديون.“
واضح رهي ته شعيب ملڪ 2015ع ۾ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۽ 2019ع ۾ ون ڊي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو هو، جڏهن ته ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل تان هن باضابطا طور رٽائرمينٽ جو اعلان ناهي ڪيو.
44 ورهين جو آل رائونڊر 2021ع کانپوءِ پاڪستان جي نمائندگي ناهي ڪئي، پر هو پي ايس ايل سميت ٻين ٽي ٽوئنٽي ليگز ۾ کيڏندو رهيو آهي.