گُل پلازا جون ٻه منزلون ڪليئر، فوتين جو انگ 27 ٿي ويو، 81 گم ٿيل ماڻهن جي ڳولا جاري

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) گل پلازا ۾ فائر بريگيڊ ۽ ريسڪيو اهلڪارن جون ڪارروائيون جاري آهن، جتي ٻن فلورن کي ڪليئر ڪيو ويو آهي.
ڪراچي جي ضلعي ڏکڻ جي ڊپٽي ڪمشنر جاويد نبي کوسو ٻڌايو ته باهه سبب متاثر گل پلازا جي گرائونڊ فلور ۽ پهرئين فلور کي ڪليئر ڪيو ويو آهي.
هن چيو ته ٻئي ۽ ٽئين فلور ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ڪٽر جي مدد سان گرل ڪٽي رهيا آهيون.
ڊي سي موجب، لاپتا ماڻهن جو انگ 81 ٿي ويو آهي، جڏهن ته ڪجهه نالا ٻيهر شامل ٿيا آهن، في الحال 74 لاپتا ماڻهن جي تصديق ٿي چڪي آهي.
ٻئي پاسي پوليس سرجن ڊاڪٽر سميعه جو چوڻ آهي ته هينئر تائين 27 لاش سول اسپتال آندا ويا آهن، 14 لاشن جا نمونا حاصل ڪيا ويا آهن ۽ انهن مان 7 لاشن جي سڃاڻپ وارو عمل مڪمل ٿي چڪو آهي، ستين لاش جي سڃاڻپ قومي سڃاڻپ ڪارڊ ذريعي ممڪن ٿي.
پوليس سرجن موجب، فوتين جي سڃاڻپ لاءِ 50 وارثن جا نمونا حاصل ڪيا ويا آهن، هڙئي نمونا سنڌ فارنزڪ ڊي اين اي ليبارٽري موڪليا ويا آهن، ڊي اين اي ٽيسٽ انٽرنيشنل سينٽر فار ڪيميڪل اينڊ بائيو لوجيڪل سائنسز، ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ڪيا ويندا، جڏهن ته واقعي واري هنڌ تان ڪجهه انساني عضوا پڻ آندا ويا آهن جن تي ڪم جاري آهي.
متاثر دڪاندارن جو چوڻ آهي ته عمارت ۾ ڪُل 26 اچڻ ۽ وڃڻ دروازا آهن، رات ڏهين وڳي سڀئي گيٽ بند ڪري رڳو ٻه دروازا کليل هوندا هئا.
دڪاندارن موجب، عمارت ۾ ڪو به ايمرجنسي ايگزيٽ موجود نه هو ۽ باهه انتهائي تيزي سان پکڙجي رهي هئي.
دڪاندارن جو چوڻ هو ته المناڪ واقعي وقت عمارت ۾ موجود ماڻهن کي معمول موجب 26 مان 24 دروازا بند مليا، ڪو به ايمرجنسي ايگزيٽ نه هو ۽ سڄي مارڪيٽ ۾ دونهون ئي ئي دونهو ڀرجي ويو هو.
هنن ٻڌايو ته باهه لڳڻ وقت بجلي بند هئي، ڪنهن کي ڪجهه سمجهه ۾ نه پئي آيو، نه ڪجهه نظر اچي رهيو هو، ڀاڄ ۽ دونهي سبب عمارت اندر ڦاٿل ماڻهن کي ساهه کڻڻ ۾ شديد تڪليف ٿي رهي هئي، واقعي وقت دڪانن تي ورڪر ۽ گراهڪ موجود هئا.
دڪاندارن جو چوڻ هو ته باهه لڳڻ کان ٿوري دير پوءِ ڪجهه ماڻهو بيهوش ٿي زمين تي ڪِري پيا، جڏهن ته ڪيترن ئي ماڻهن کي دڪاندارن پنهنجي مدد پاڻ تحت عمارت مان ٻاهر ڪڍيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.